مولانا قمر الدين انڍڙ

مولانا قمر الدين انڍڙ: مولانا قمر الدين ولد رزاق ڏنو بکراڻي انڍڙ، ڳوٺ تربت ۾ ڄائو. وقت جو وڏو عالم ۽ شيخ الحديث هو، سندس مشهور شاگردن ۾ مولانا عبدالڪريم ڪهاڙو، مولوي نور محمد ڪنڊوي، مولانا الله هاليجوي'>حماد الله هاليجوي، حڪيم قائم الدين مهر، ميان ابوبڪر سينهڙو ۽ پير فخر الدين شاهه جيلاني شامل آهن. سندس پنج ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: (1) ’حرف نحو جي فن ۾ قافيه جو اختصار‘، ’(2) ’رافعه شر دافعه‘، (3) ’رساله قمريه‘، ’(4) شمسيه شرح قمريه‘، ’(5) ’علم بيان مجاز مرسل بابت رسالو‘. شامل آهن. مولانا صاحب پيري مريدي ۽ سياست کان پري رهيو . 1930ع ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1930  عيسوي

انڍڙ ، مولانا قمر الدين 1930ع ڌاري وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو احمد علي ’صابر‘
خانبهادر غلام علي نانا
آمنه سومرو ڊاڪٽر
شيخ عبدالمجيد سنڌي
فرزانه پنهور
رمضان ساريو
بولچند
ارل اسٽين
ڪامريڊ الهه وڌايو انڍڙ
جمال خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون